Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪ فوج سان يڪجهتي جي طور تي منعقد ٿيندڙ ميڙاڪو پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو ميڙاڪو هوندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي. عورتون، بزرگ،نوجوان ۽ ٻار فوج سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪن. اپيل


 Posted on: 6/28/2014
پاڪ فوج سان يڪجهتي جي طور تي منعقد ٿيندڙ ميڙاڪو پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو ميڙاڪو هوندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
عورتون، بزرگ،نوجوان ۽ ٻار فوج سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪن. اپيل.
ڪراچي؛ 28 جون 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي تحت پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي طور تي منعقد ٿيندڙ ميڙاڪو هڪ تاريخي هوندو ۽ پاڪستان جي 66 ساله تاريخ ۾ ايترو وڏو ميڙاڪو هوندو جو ڪنهن ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ملڪ هن وقت انتهائي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا کي سخت خطرو لاحق آهي. انهن چيو ته پاڪستان آهي ته سڀ ڪجھ آهي پر جيڪڏهن خدانخواسته پاڪستان ئي نه رهيو ته ڪجھ به نه بچندو. فوج جا آفيسرَ ۽ جوان ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جي لاءِ دهشت گردن جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن. انهن عورتن، بزرگن، نوجوانن ۽ ٻارن کي اپيل ڪئي ته اهي فوج کي  خراج تحسين ۽ سلوٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تحت ٿيندڙ ميڙاڪي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ۽ ثابت ڪري چڏين ته هن نازڪ وقت ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺي آهي ۽ گڏ بيٺي رهندي.


5/2/2024 12:02:53 AM