پاڪستان عوامي تحريڪ جي زير اهتمام ٿيندڙ ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم جو پنج رڪني وفد شرڪت ڪندو.
وفد ۾ رشيد گوڏيل، ميان عتيق، يوسف شاهواڻي، بيرسٽر سيف ۽ غازي صلاح الدين شامل آهن.
لنڊن؛ 28 جون 2014
پاڪستان عوامي تحريڪ جي زير اهتمام 29 جون تي لاهور ۾ ٿيندڙ ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم جو 5 رڪني وفد شرڪت ڪندو، وفد ۾ قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جو پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل، رابطا ڪميٽي ميمبرَ ميان عتيق ، يوسف شاهواڻي ۽ سي آئي سي جا ميمبرَ بيرسٽر سيف ۽ غازي صلاح الدين شامل هوندا.