Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊاڪٽر طاهر القادري جي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ. انهن سانحه 17 جون لاهور جي باري ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.


 Posted on: 6/28/2014
ڊاڪٽر طاهر القادري جي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ. انهن سانحه 17 جون لاهور جي باري ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
سانحه 17 جون لاهور جي اعلٰي سطحي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ۽ سانحي جي ذميوارن کي سزا ضرور ملڻ گهرجي. ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۾ اتفاق.
لنڊن؛ 28 جون 2014
           پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن کي 29 جون بروز آچر تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ڊاڪٽر طاهر القادري جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته اها آل پارٽيز ڪانفرنس 17 جون تي ٿيندڙ سانحه ماڊل ٽائون لاهور جي باري ۾ ٿي رهي آهي جنهن ۾ ٻين سياسي و مذهبي جماعتن کي به گهرايو ويو آهي. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ويو ته سانحه 17 جون لاهور جي اعلٰي سطحي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ۽ سانحي جي ذميوارن کي سزا ضرور ملڻ گهرجي. جناب الطاف حسين ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ انهن جي ساٿين سان سانحه 17 جون تي شهيد ٿيندڙ انهن جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي شهادت تي تعزيت ڪئي. ڊاڪٽر طاهر القادري به جناب الطاف حسين سان ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي شهادت تي تعزيت ڪئي ۽ انهن جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو به ڪيو.
****

5/1/2024 9:24:23 PM