ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان حيدرآباد لطيف آباد ۽ ڪورنگي سوڪواٽر ۾ گهرن جون ڇتون ڪرڻ جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙن جي هلاڪت تي افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 29 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حيدآباد لطيف آباد نمبر 10 ۽ ڪراچي ڪورنگي سوڪوارٽر ۾ گهرن جون ڇتون ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت معصوم ٻارڙن جي هلاڪت جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي انهن افسوس ناڪ واقعن ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومين جا درجات بلند فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو ڏک برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.