Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾پنج رڪني وفد جي پاڪستان عوامي تحريڪ جي اي پي سي ۾ شرڪت


 Posted on: 6/29/2014

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾پنج  رڪني وفد جي پاڪستان عوامي تحريڪ جي اي پي سي ۾ شرڪت.
وفد ڊاڪٽر طاهر القادري سميت ٻين سياسي رهنمائن کي ايم ڪيو ايم جي تحت ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني.
لاهور؛29 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي پنج رڪني وفد لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل، رابطا ڪميٽي ميمبر يوسف شاهواڻي ۽ سي اي سي جا ميمبرَ بيرسٽر سيف ۽ غازي صلاح الدين شامل هئا. شرڪت ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڊاڪٽر طاهر القادري سميت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٻين سياسي و مذهبي رهنمائن کي جناب الطاف حسين جي طرفان 6 جولائي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ ٻين سياسي و مذهبي رهنمائن جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ جلسي ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائيندي فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ جناب الطاف حسين جي طرفان ڪيل ڪوششن کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ ملڪ جي بقا و سلامتي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪردار کي ساراهيو.


5/16/2024 7:16:30 PM