سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات سميت وچ اوڀر وارن علائقن ۾ موجود قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي جانثارن کي اپيل آهي ته اهي 6 جولائي تي هڪ ڏينهن جي لاءِ ضرور پاڪستان اچن ۽ جلسي ۾ شرڪت ڪن. محبان پاڪستان اوورسيز جو سربراھ رئوف صديقي.
ڪراچي؛ 29 جون 2014
محبان پاڪستان اوورسيز جي سربراھ رئوف صديقي سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات سميت وچ اوڀر وارن علائقن ۾ رهندڙ تمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي جانثارن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي جيڪڏهن طاقت رکن ٿا ته هڪ ڏينهن جي لاءِ ضرور پاڪستان اچن ۽ 6 جولائي بروز آچر تي مزار قائد جناح پارڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت ڪري پنهنجو قومي فرض ادا ڪن. رئوف صديقي مخير حضرات کي اپيل ڪئي ته اهي جلسي جي انتظامن جي لاءِ مالي مدد ڪن، الله تعالٰي انهن جي رزق ۾ اضافو ڪندو.آمين.