Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 6 جولائي بروز آچر تي مزار قائد جناح پارڪ ۾ منعقد ٿيندڙ جلسو پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو جلسو ثابت ٿيندو.رابطا ڪميٽي ميمبر عامر خان.


 Posted on: 6/29/2014
پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 6 جولائي بروز آچر تي مزار قائد جناح پارڪ ۾ منعقد ٿيندڙ جلسو پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو جلسو ثابت ٿيندو.رابطا ڪميٽي ميمبر عامر خان.
لنڊن؛ 29 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عامر خان چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪ فوج سان يڪجهتي  جي اظهار جي طور تي مزار قائد جناح پارڪ ۾ ٿيندڙ جلسو پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو جلسو ثابت ٿيندو. جلسي ۾ تمام مذهبن، عقيدن، قومن ۽ زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو شرڪت ڪندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ عامر خان چيو ته ملڪ هن وقت اندرين ۽ ٻاهرين سازشن جو شڪار آهي ۽ انتهائي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ، پاڪ فوج ملڪ جي سلامتي جي لاءِ دهشت گردن جي خلاف فيصله ڪن جنگ وڙهي رهي آهي ان ڏکئي وقت ۾ فوج کي يڪجهتي جي سخت ضرورت آهي. ان جي ڪري ايم ڪيو ايم جناب الطاف حسين جي هدايت تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي طور تي ملڪي تاريخ جي سڀني کان وڏي جلسي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو 6 جولائي بروز آچر تي مزار قائد جناح پارڪ ۾ ٿيندو ، تمام محب وطن پاڪستاني هن جلسي ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن ۽ ثابت ڪري چڏين ته پوري قوم فوج سان گڏ آهي.


5/16/2024 8:53:38 PM