Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هميشه پاڪستان جي بقا و سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جو ساٿ ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي


 Posted on: 6/29/2014
 
ايم ڪيو ايم هميشه پاڪستان جي بقا و سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جو ساٿ ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
دهشت گردن جي خلاف جنگ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺي آهي ۽ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 6 جولائي تي مزار قائد جناح پارڪ ۾پاڪستان جي تاريخ جو هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪري رهي آهي.
ايم ڪيو ايم جي مختلف شعبن جي هنگامي اجلاس کي خطاب.
ڪراچي؛ 29 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين 10 سال اڳ ئي ملڪ ۾ دهشت گردن جي موجودگي ۽ انتها پسندن جي طرفان ٿيندڙ ڪاروائين کان آگاھ ڪري چڏيو هو. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي مختلف شعبن جي ذميوارن جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر احمد سليم صديقي، خالد سلطان، اسلم آفريدي ۽ عادل خان به موجود هئا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه پاڪستان جي بقا و سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ملڪ کان انتها پسندن جي خاتمي جي لاءِ فوج کي
پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري به ڪرائي آهي ان جي ڪري ماضي وانگر اڄ به اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف جاري جنگ ۾ ايم ڪيو ايم ملڪ جي فوج سان گڏ آهي ۽ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 6 جولائي تي مزار قائد جناح پارڪ ۾ پاڪستان جي 66 ساله تاريخ  جو هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪري رهي آهي. انهن حق پرست عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي هن جلسي ۾ پنهنجي گهر وارن سميت شرڪت ڪري ملڪ دشمنن کي اهو پيغام ڏيئي چڏين ته پاڪستان جا محب وطن ماڻهو فوج سان گڏ بيٺا آهن. انهن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ ان ڏکئي وقت ۾ جڏهن جو ملڪ جي فوج جا جوان دهشت گردن جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن اهڙي وقت ۾ ڪجھ مفاد پرست ماڻهو قومي ادارن کي مختلف سياسي ۽ ذاتي مفادن جي وَر چاڙهي فوج جي طرفان ٿيندڙ آپريشن ضرب عضب کان عوام جي توجه هٽائڻ چاهين ٿا پر 6 جولائي تي عوام جناب الطاف حسين جي سڏ تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي جلسي ۾ شرڪت ڪري ملڪ دشمنن کي ٻڌائي چڏيندا ته هڪ عام پاڪستاني پنهنجي وطن جي دفاع کان ڪنهن به طرح  غافل نه آهي.

5/16/2024 7:16:58 PM