Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي رمضان شريف جي مبارڪباد.


 Posted on: 6/29/2014
 
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي رمضان شريف جي مبارڪباد.
رمضان شريف جو مهينو الله تعالٰي جي عظيم نعمت آهي، اهو صبر ۽ تقوٰي جو درس ڏيئي ٿو ۽ پنهنجو سڌارو ڪرڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿئي ٿو.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 29 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن کي رمضان شريف جي بابرڪت مهيني جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته رمضان شريف جو مهينو الله تعالٰي جي نعمتن مان هڪ عظيم نعمت آهي. جيڪو انسان کي صبر ۽ تقوٰي جو درس ڏيئي ٿو ۽ انهن کي گناهن کان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ان جي ڪري اسان کي گهرجي ته الله تعالٰي جي ان نعمت جو شڪر ادا ڪندي رمضان شريف جا سمورا روزا رکون . انهن سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ان مهيني ۾ پنهنجي مسلمان ڀائرن کي ياد رکن ۽ انهن جي سفيد پوشي جو ڀرم رکندي پنهنجي طاقت جي مطابق انهن جي مدد ڪن، ڇو ته انسانيت جي خدمت ڪرڻ وارن تي الله تعالٰي به پنهنجو خصوصي ڪرم فرمائي ٿو ۽ اهڙن ماڻهن جي ڪاروبار، رزق، صحت ۽ زندگي ۾ برڪت عطا ڪري ٿو. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي هن مهيني جي صدقي سڄي دنيا جي مسلمانن تي پنهنجيون خصوصي رحمتون نازل فرمائي ۽ انهن کان پريشانيون ۽ تڪليفون دور ڪري ۽ خصوصي طور تي پاڪ فوج کي دهشت گردن جي خلاف  جنگ ضرب عضب ۾ ڪاميابي عطا فرمائي ۽ هن ملڪ کي دهشت گردن ۽ دين جي نالي تي انتها پسندي ڪرڻ وارن کان مڪمل طور تي پاڪ فرمائي .آمين.

5/16/2024 8:02:06 PM