ايم ڪيو ايم جا سينيئر رهنما سيد سردار احمد سخت بيمار ٿي پيا.
سيد سردار احمد کي سخت علالت جي ڪري آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
حق پرست عوام ۽ ڪارڪنَ سيد سردار احمد جي صحت يابي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن.جناب الطاف حسين.
ڪراچي؛ 27 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر رهنما، ايم ڪيو ايم جي طرفان مختلف عهدن تي فائز رهندڙ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪرڻ کان اڳ بيوروڪريسي ۾ اعلٰي خدمتون انجام ڏيڻ وارا سيد سردار احمد جمعي جي صبح جو سخت بيمار ٿي پيا ۽ سخت علالت جي ڪري انهن کي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جتي انهن کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سيد سردار احمد جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين حق پرست امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي سيد سردار احمد جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن.