Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي پوليس جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ رهائي جي لاءِ وڏي رشوت طلب ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 6/26/2014
ڪراچي پوليس جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ رهائي جي لاءِ وڏي رشوت طلب ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 26 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پوليس جي مختلف ٽيمن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ رهائي جي لاءِ لکين روپيا رشوت طلب ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ائين معلوم ٿئي ٿو ته پوليس جي اداري ۾ شامل ڪجھ رشوت خور آفيسرن شهر ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن کي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين جي ذريعي ڪمائي جو ذريعو بڻايو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جڏهن پوليس آفيسر پاڻ ئي رشوت طلب ڪندا ته شهر ۾ ڀتي خورن جي خلاف ڪاروائي جي ڪاميابي تي سواليه نشان لڳي وڃي ٿو. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي پوليس جي اداري ۾ موجود ڪارين رڍن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪن. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي به پوليس جي ظلم ۽ کلي عام رشوت طلب ڪرڻ تي آواز بلند ڪن.

5/1/2024 11:17:12 PM