ناظم آباد ۾ ڊرائيور جي غفلت ۽ تيز رفتاري جي ڪري مسافر بس جي ڪلٽي ٿيڻ جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 26 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ناظم آباد نمبر هڪ ۾ ڊرائيور جي غفلت ۽ تيز رفتاري جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڊرائيورن جي غفلت ۽ تيز رفتاري جي ڪري حادثن جو ٿيڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. جنهن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو هلاڪ ۽ زخمي ٿيا آهن.رابطا ڪميٽي حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ مسافرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته حادثن جي روڪٿام جي لاءِ مثبت قدم کنيا وڃن.