Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق وزير داخله سينيٽر رحمٰن ملڪ جي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات


 Posted on: 6/20/2014
سابق وزير داخله سينيٽر رحمٰن ملڪ جي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات.
انهن قومي اسيمبلي ميمبر محترمه طاهره آصف جي وحشياڻي قتل تي سابق صدر آصف علي زرداري ، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين رهنمائن جي طرفان دلي تعزيت ڪئي.
لنڊن؛ 20 جون 2014
           پيپلز پارٽي اوورسيز جي صدر ۽ سابق وزير داخله سينيٽر رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ۽ ٻين ميمبرن سان ملاقات ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي وحشياڻي قتل تي پيپپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين جناب آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر طارق جاويد، محمد انور، مصطفٰي عزيز آبادي، قاسم علي رضا، قومي اسيمبلي جو حق پرست ميمبر محمد علي راشد ۽ وسيم اختر به موجود هئا.رحمٰن ملڪ طاهره آصف شهيد جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ، ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي محترمه طاهره آصف شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ انهن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي . ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي رحمٰن ملڪ چيو ته سپريم ڪورٽ کي ان واقعي جو فورن نوٽس وٺڻ گهرجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ججن تي مشتمل ڪميشن بڻائي ڪري قاتلن ۽ انهن جي سرپرستن جو سراغ لڳائڻ گهرجي. انهن چيو ته دهشت گردن پوري ملڪ ۾ قتل و غارتگري ۽ دهشت گردي جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ، جيڪڏهن ڪجھ سال اڳ جناب الطاف حسين جي خدشن تي دهشت گردن جي خلاف ايڪشن ورتو وڃي ها ته اڄ اهو ڏينهن ڏسڻو نه پوي ها. انهن چيو ته اها ڳالھ انتهائي افسوسناڪ آهي ته طاهره آصف کي سنگين ڌمڪين ڏيڻ جي باوجود پنجاب حڪومت جي طرفان انهن کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي انهن جي شهادت تي ايم ڪيو ايم جي قيادت جنهن ڏک ۽ تڪليف کان گذري رهي آهي حڪومت کي اهو محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ دهشت گردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو وڃي. انهن چيو ته پيپلز پارٽي ڏک جي ان گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏ آهي ۽ انصاف جي حصول جي لاءِ ايم ڪيو ايم سان هر قسم جو تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. رحمٰن ملڪ چيو ته جيڪڏهن تحريڪ منهاج القرآن جي ڪارڪنن ۽ طاهره آصف شهيد جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته دهشت گردي جو اهو سلسلو اڃان وڌنڌو.ان کان اڳ دهشت گردن محترمه بي نظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ، عوامي نيشنل پارٽي جي رهنمائن کي شهيد ڪيو ويو ، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽن سنڌ اسيمبلي ميمبرن کي شهيد ڪيو ويو ۽ هاڻي ڪراچي کان پوءِ لاهور ۾ به ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبر کي نشانو بڻايو ويو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته پنجابي طالبان ۽ لشڪر جهنگوي جا دهشت گرد پوري پنجاب ۾ ڦيلجندا پيا وڃن پر حڪومت انهن دهشت گردن جو نالو وٺڻ کان خوف جو شڪار ٿئي ٿي،هاڻي حڪومت نه بلڪه ملڪ بچائڻ جي ڳالھ ڪئي وڃي ۽ گڏيل دشمن سان نڀرڻ جي لاءِ گڏيل ۽ متفقه طور تي حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي. انهن چيو ته سڄي ملڪ ۾ فوجي آپريشن جاري آهي ۽ دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ پوري قوم دهشت گردن جي خلاف آپريشن ۾ فوج سان گڏ آهي. رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ميڊيا سان ڳالهائيندي سابق صدر جناب آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي طرفان تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي رحمٰن ملڪ جو شڪريو ادا ڪيو. انهن چيو ته اهو واضع آهي ته محترمه طاهره آصف کي حق پرستانه جدوجهد جي ڏوھ ۾ دهشت گردي جو نشانو بڻايو ويو آهي ان کان اڳ لاهور ۾ تحريڪ منهاج القرآن جي درجنين ڪارڪنن کي شهيد و زخمي ڪيو ويو هو ۽ طاهره آصف کان اڳ ايم ڪيو ايم جي ٽن سنڌ اسيمبلي ميمبرن کي به دهشت گردي جو نشانو بڻايو ويو آهي. انهن طاهره آصف سميت تمام شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي  ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جاري رهندي.انهن ڏک جي ان گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ وارن تمام سياسي و مذهبي رهنمائن ۽ زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جو به شڪريو ادا ڪيو .


4/25/2024 9:05:39 AM