Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سڄي ملڪ ۾ شهيد ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ دعائيه اجتماع منعقد ڪيا ويا.


 Posted on: 6/20/2014
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سڄي ملڪ ۾ شهيد ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ دعائيه اجتماع منعقد ڪيا ويا.
طاهره آصف شهيد جو وحشياڻو قتل حقيقت ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظرئي تي حملو آهي. حيدر عباس رضوي.
لال قلعه گرائونڊ ۾ محترمه طاهره آصف شهيد جي غائبانه جنازي نماز کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛20 جون 2014
 ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي صوبائي ۽ زونل آفيسن ۾ محترمه طاهره آصف شهيد جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي.جنهن ۾ ذميوارن ۽ حق پرست عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ محترمه طاهره آصف شهيد کي زبردست خراج عقيدت و سلام عقيدت پيش ڪندي انهن جي مغفرت ۽ درجات جي بلندي جي لاءِ دعائون ڪيون.ڪراچي ۾ لال قلعه گرائونڊ ۾ غائبانه نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال،رابطا ڪميٽي ميمبرن حيدر عباس رضوي، ڊاڪٽر صغير احمد، سيد امين الحق، بابر غوري، گلفراز خان خٽڪ، سيف يار خان، توصيف خانزاده، ڪيف الورٰي ، سيد شاڪر علي، حق پرست وزيرن ، اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ مولانا فيروزالدين رحماني وڏي خشوع و خضوع سان دعا ڪرائي .ان کان علاوه اندرون سنڌ ۾ حيدرآباد، ميرپور خاص، سانگهڙ، نواب شاھ، خيرپور، ٽنڊو الهيار، بدين، ٺٺي، سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، شڪارپور، نوشهرو فيروز، قمبر، شهداد ڪوٽ، ڪشمور، پنجاب ۾ راولپنڊي، ملتان ، بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ، نصير آباد، ڊيره مراد ، خيبرپختونخواھ ۾ پشاور، ايبٽ آباد، مانسهره، هري پور، هزاره گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ميرپور ، راولا ڪوٽ ۽ باغ  ۾ غائبانه نماز ادا ڪئي وئي .
          ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي ميمبر حيدر عباس رضوي طاهره آصف شهيد جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته طاهره آصف جو قتل حقيقت ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظرئي تي حملو آهي. انهن کي قتل ڪري ايم ڪيو ايم کي دٻائي نه ٿو سگهجي. ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن جي عملي جدوجهد ۾ 20 هزار کان وڌيڪ شهيدن جو رت شامل آهي.انهن چيو ته پاڪستان جي بقا و سلامتي ۽ ملڪ کان مذهبي جنونيت جي خاتمي جي لاءِ جيتريون به قربانيون ڏيڻون پيون اسان ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون ، اسان جا سر ڪٽجي ته سگهن ٿا پر جهڪي نه ٿا سگهن.
*

4/24/2024 1:10:20 AM