Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد کي لاهور جي شاھ ڪمال قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.ٽيجهو 21 جون بروز ڇنڇر تي ٿيندو.


 Posted on: 6/20/2014

متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد کي لاهور جي شاھ ڪمال قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.ٽيجهو 21 جون بروز ڇنڇر تي ٿيندو.
لاهور؛ 20 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد کي هزارين سوگوارن جي موجودگي ۾ لاهور جي شاھ ڪمال قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان کان اڳ شهيد جي جنازي نماز متصل گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي. شهيد جي جنازي نماز ۾ رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ميان عتيق، افتخار اڪبر رنڌاوا، عبدالحسيب، خالد سلطان، رشيد گوڏيل ، سينٽرل پنجاب جي انچارج عامر بلوچ ، شهيد جي مٽن مائٽن ، ڪارڪنن ۽ ٻين کان علاوه تحريڪ انصاف جي رهنما ۽ پنجاب ۾ اپوزيشن ليڊر ميان محمود رشيد ۽ نعمان خان چٽا، پاڪستان مسلم ليگ ق جي رهنما ڪامران شيخ، عمر حيات ۽ ناصر بلوچ، مسلم ليگ ن جي بلال ياسين ۽ ملڪ پرويز ، پي پي پي رهنما شوڪت بسرا جي سربراهي ۾ پنج رڪني وفد، پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنما بشارت جسپال، پي ايف يو جي جي صدر رانا عظيم، جنرل سيڪريٽري شاهد چوڌري ۽ ايف آئي اي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عثمان سميت مختلف مذهبي و سياسي ۽ فلاحي تنظيمن، مختلف مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارن عالمن سڳورن ۽ ٻين اهم شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.محترمه جي جنازي نماز مولانا معاويه ادا ڪرائي. جڏهن ته رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب انهن جي درجات جي بلندي ، بخشش، انهن جي مڙس ۽ ٻارڙن سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ تمام سوگوارن جي لاءِ صبر جميل، قاتلن ۽ انهن جي سرپرستن جي گرفتاري، دهشت گردي جي خاتمي، ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي، اسيرن جي رهائي، لاپتا ڪارڪنن جي حفاظت سان واپسي ۽ ملڪ جي بقاو سلامتي سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون ڪيون ويون.ان کان پوءِ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبرن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان محترمه طاهره آصف جي قبر تي گلن جي چادر چڙهائي ۽ انهن کي زبردست خراج عقيدت و سلام عقيدت پيش ڪيو . محترمه طاهره آصف جو ٽيجهو 21 جون بروز ڇنڇر تي ٽيپهري جي نماز کان پوءِ فيڊرل لاجز ڪالوني متصل گرائونڊ ۾ ٿيندو. ان کان علاوه پنجاب اسيمبلي جي ميمبر شائسته ٻين عورتن سان گڏجي انهن جي نياڻي ۽ ٻين سان دلي تعزيت ڪئي ۽ شهيد جي لاءِ بخشش جي دعا به ڪئي .

4/24/2024 10:41:19 PM