Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي قاتلن کي ٽن ڏينهن جي اندر اندر گرفتار ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 6/20/2014
حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي قاتلن کي ٽن ڏينهن جي اندر اندر گرفتار ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن موجوده حڪومت ٽن ڏينهن جي اندر قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ته عوام اهو سمجهڻ تي مجبور ٿيندا ته موجوده حڪومت طاهره آصف جي قتل ۾ ملوث آهي.
هڪ ٽي وي چينل سان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 20 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪڏهن موجوده  حڪومت ٽن ڏينهن جي اندر اندر حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ته حق پرست عوام اهو سمجهڻ تي مجبور ٿيندا ته موجوده حڪومت طاهره آصف جي قتل ۾ ملوث آهي ۽ پوءِ ايم ڪيو ايم سان ڪا به شڪايت نه ڪئي وڃي. اها ڳالھ انهن خميس جي رات هڪ ٽي وي چينل سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي.انهن فرمايو ته طاهره آصف جي شهادت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. انهن فرمايو ته موجوده حڪومت جي نيت ٺيڪ آهي ته اها محترمه طاهره آصف جي قاتلن کي گرفتار ڪري سگهي ٿي،انهن
2
فرمايو ته طاهره آصف هڪ بهادر ۽ بي خوف عورت هئي ۽ نتيجن جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ هر جڳھ تي سچ چوندي هئي. انهي ڏوھ ۾ انهن کي مذهبي انتها پسندن جي طرفان مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون هيون،پر انهن کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي. انهن فرمايو ته وحشي دهشت گردن امام بارگاهن ۽ مسجدن ۾ نمازين کي نشانو بڻايو، بزرگان دين جي مزارن تي حملا ڪيا ، قومي تنصيبات تي حملا ڪيا۽ فوجي جوانن جون منڍيون وڍيون، حال ئي ۾ دهشت گردن ڪراچي ايئرپورٽ تي حملو ڪري بي گناهن کي دهشت گردي جو نشانو بڻايو ۽ اهي دهشت گرد پنهنجي هٿ ٺوڪيل شريعت ملڪ ۾ نافذ ڪرڻ چاهين ٿا. دهشت گردي جي مسلسل واقعن تي فوج دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪري چڏيو ته پنجاب حڪومت پهرين پاڪستان عوامي تحريڪ جي سيڪريٽريٽ ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاھ کان بيريئر هٽائڻ جو عمل شروع ڪيو ۽ پوءِ پوليس جي سرپرستي ۾ لاهور ۾ قتل و غارتگري جو بازار گرم ڪيو، انهن فرمايو ته جيڪڏهن موجوده  حڪومت بي گناھ شهرين جي خلاف رياستي طاقت جو ناجائز استعمال بند نه ڪيو ته پوءِ پاڪستان ۾ اهڙو انقلاب ايندو جو پوءِ ڪنهن به ظالم جون جاگيرون نه بچنديون.انهن فرمايو ته قتل و غارتگري جي ذريعي پنجاب ۾ امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن کي حق پرستي جي جدوجهد کان باز رکي نه ٿو سگهجي.انشاء الله تعالٰي طاهره آصف جو رت ضرور رنگ لائيندو.جناب الطاف حسين فرمايو ته سڄي دنيا جي تاريخ دانن ، سياسي تجزيه نگارن، مبصرن ۽ ٿنڪ ٽينڪس کان معلوم ڪيو وڃي ته جڏهن ڪنهن ملڪ جي هٿيار بند فوج حالت جنگ ۾ هوندي آهي ته اتان جي حڪومت فوج جو ساٿ ڏيندي آهي يا نوان محاذ کولي ملڪ کي اندروني طور تي انتشار جو شڪار ڪندي آهي؟ انهن وڌيڪ فرمايو ته هن وقت فوج دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن ۾ مصروف آهي ان حالت ۾ ملڪ کي اتحاد جي سخت ضرورت آهي، ان جي بجاءِ ملڪ ۾ انتشار ڦيلائڻ جو عمل دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن کان توجه هٽائڻ جي سازش آهي.جناب الطاف حسين فوج جي سربراه کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي تمام هٿڪنڊن جي باوجود قومي سلامتي ۽ دهشت گردي جي خاتمي ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ فوجي آپريشن جاري رکن، قوم جو ٻچو ٻچو فوج سان گڏ آهي.

 

4/28/2024 1:29:31 PM