Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

طاهره آصف ، شهيد بيداري پنجاب آهن، انهن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 6/20/2014

طاهره آصف ، شهيد بيداري پنجاب آهن، انهن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي لاهور ۾ طاهره آصف شهيد جي پٽ، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ذميوارن سان فون تي تعزيت.
لنڊن؛ 20 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد بيداري پنجاب آهن، انهن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن، انهن جو نالو دنيا ۾ هميشه ياد رکيو ويندو ۽ ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۾ سونهرن اکرن م لکيو ويندو. انهن اها ڳالھ محترمه طاهره آصف جي شهادت جي خبر ملندي ئي  شيخ زيد اسپتال فون ڪري اتي موجود طاهره آصف شهيد جي پٽ، رابطا ڪميٽي ۽ ذميوارن سان تعزيت ڪندي ڪئي . جناب الطاف حسين جيڪي طاهره آصف شهيد جي ڏک ۾ پاڻ به صدمي کان بيحال هئا.انهن طاهره آصف شهيد جي پٽ شاھ ريز کي دلاسو ڏنو  ۽ انهن کي چيو ته اهي صبر ڪن، طاهره آصف شهيد آهن ۽ شهيد ڪڏهن به مرندا نه آهن.انهن اتي موجود رابطا ڪميٽي ۽ ٻين ذميوارن سان به تعزيت ڪئي. اتي موجود تمام ماڻهن به جناب الطاف حسين سان طاهره آصف جي شهادت تي تعزيت ڪئي.ان موقعي تي جناب الطاف حسين طاهره آصف شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته طاهره آصف شهيد پنجاب ۾ ستل ماڻهن کي جاڳائڻ جو مشن وٺي ڪري هلي رهي هئي ۽ انهن تحريڪ جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري چڏيو هو ۽ اهي آخري ساھ تائين تحريڪ جي مشن لاءِ سرگرم رهيون،اهي تحريڪ جي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ شفيق ڀيڻ ۽ ماءُ جي حيثيت سان سڀني جو خيال رکنديون هيون. انهن پنهنجي جان ته ڏيئي چڏي پر تحريڪ کي نه ڇڏيو.انهن جي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي.انهن فرمايو ته جن ماڻهن طاهره آصف شهيد کي شهيد ڪيو آهي انشاء الله تعالٰي تمام جلد عبرتناڪ انجام تائين پهچندا.انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي طاهره آصف شهيد جي رت جي صدقي پنجاب ۾ حق پرستي جو انقلاب پرپا ڪري ۽ حق پرستي جي مشن کي پنجاب جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلائي چڏي.آمين.


4/28/2024 1:54:30 PM