Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق وزير داخله سينيٽر رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن فون ڪري رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت


 Posted on: 6/20/2014
سابق وزير داخله سينيٽر رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن فون ڪري رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت سان رابطو ڪري ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو.
لنڊن؛ 20 جون 2014
         سابق وزير داخله سينيٽر رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن فون ڪري  ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت سان رابطو ڪيو ، انهن ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي دردناڪ شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. انهن چيو ته ان ڏک جي گهڙي ۾ پيپپلز پارٽي جي پوري قيادت ۽ ڪارڪن محترمه طاهره آصف جي سوگوار پونئرن، جناب الطاف حسين ڀاءُ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان گڏ آهي. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي محترمه طاهره آصف جي مغفرت فرمائي ۽ انهن جي سوگوار پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي .


4/28/2024 1:34:25 PM