Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق وزير اعظم راجه پرويز اشرف ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراھ شيخ رشيد جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.


 Posted on: 6/20/2014

سابق وزير اعظم راجه پرويز اشرف ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراھ  شيخ رشيد جو  ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
انهن حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو .
لنڊن؛ 20 جون 2014
          سابق وزير اعظم راجه پرويز اشرف ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراھ شيخ رشيد احمد ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن فون ڪري ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. انهن جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اسان پنهنجي سياسي تاريخ ۾ ڪڏهن به عورتن کي گولين جو نشانو بڻجندي نه ڏٺو آهي. موجوده حڪومت جي دور ۾ طاهره آصف مرحومه ۽ تحريڪ منهاج القرآن جي عورتن جو قتل وڏو ظلم آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته اسان اوهان ۽ اوهان جي ڪارڪنن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.انهن طاهره آصف شهيد جي درجات جي بلندي ۽ سوگوارن جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعا به ڪئي. جناب الطاف حسين يڪجهتي ۽ تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اوهان جو تعزيتي پيغام ۽ همدردي جو اظهار ايم ڪيو ايم جي سوگوار ڪارڪنن جي لاءِ حوصلي جو سبب آهي.


4/28/2024 12:48:36 PM