Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

طاهره آصف شهيد جو مقام هڪ هڪ حق پرست پاڪستاني جي نظر ۾ تمام گهڻو بلند ٿي ويو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 6/20/2014

طاهره آصف شهيد جو مقام هڪ هڪ حق پرست پاڪستاني جي نظر ۾ تمام گهڻو بلند ٿي ويو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
19 جون 1992 تي به نواز شريف پاڪستان جا وزير اعظم هئا ۽ اڄ به جڏهن 19 جون جي ياد تازه ٿي آهي ته اڄ به نواز شريف ملڪ جا وزير اعظم آهن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 20 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽن ڏينهن جي اندر اندر طاهره آصف شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪري قوم جي سامهون پيش ڪيو وڃي، نه ته اسان ڪڙي سان ڪڙي ملائي ڪري اهو چوڻ تي مجبور نه ٿي وڃون ته 19 جون 1992 تي به موجوده حڪومت اسان جي ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث هئي ۽ اڄ به موجوده حڪومت ئي طاهره آصف جي قتل ۾ ملوث آهي. انهن اها ڳالھ پنهنجي انٽرويو ۾ فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته طاهره آصف ظلم جي ماحول ۾ پنجاب کان سياست جي ميدان ۾ آئي ، انهن حق پرستي جي جهنڊي کي کنيو ۽ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي ويون ، حق پرستي جي جدوجهد ۾ ڏينهن رات شريڪ رهيون ، انهن کي ڌمڪيون ملنديون رهيون ، حملا ٿيندا رهيا پر اهي خوفزده نه ٿيون ۽ پنهنجي مشن کي جاري رکيو، دهشت گردن طاهره آصف کي شهيد ڪري انهن کي اسان کان جسماني طور تي ته الڳ ڪري چڏيو آهي ۽ جيڪڏهن اهي اهو سمجهن ٿا ته پنجاب جي حق پرست عوام ۽ ڪارڪن کي خوف زده ڪري چڏيندا ته انهن کي سمجهي وٺڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام کي خوف زده ڪري نه ٿو سگهجي.انهن فرمايو ته اڄ
2
19 جون آهي ۽ اڄ کان ٺيڪ 22 سال اڳ به 19 جون 1992 تي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن شروع ڪيو ويو هو ، جڏهن اسان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو ۽ اڄ به 19 جون جو ڏينهن آهي ۽ اڄ اسان جي ڀيڻ طاهره آصف کي شهيدڪيو ويو آهي . ان وقت به نواز شريف پاڪستان جو وزير اعظم هو ۽ انهن جو ڀاءُ پنجاب جو وزير اعلٰي هو ۽ اڄ 19 جون 1992 جي ياد تازه ٿي وئي آهي ۽ نواز شريف ملڪ جا وزير اعظم آهن . انهن فرمايو ته ان کي اتفاق چوندو ته ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي باپرده عورتن، نوجوانن ۽ بزرگن کي گوليون هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو ۽ ان جي ٻئي ڏينهن ئي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف کي باقائده سڃاڻپ ڪري شهيد ڪيو ويو . انهن فرمايو ته اهو نئون محاذ کولي ڪري ملڪ دشمن دهشت گردن جي خلاف جاري فوجي آپريشن کان ماڻهن جي توجه هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته طاهره آصف شهيد تي پهرين به حملا ٿي چڪا هئا ۽ انهن پنجاب پوليس ۽ انتظاميه سان رابطو ڪري ڪيترائي ڀيرا انهن کي درخواست ڪئي ته مون کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي پر انهن کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي. انهن فرمايو ته اسان طاهره آصف شهيد جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين، طاهره آصف جو مقام ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ ڪارڪن ۽ هڪ هڪ حق پرست پاڪستاني جي نظر ۾ تمام گهڻو بلند ٿي ويو آهي.انهن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي صبر جو دامن هٿن مان نه چڏين ۽ پنهنجي احتجاج کي هر قيمت تي پرامن رکن. انهن طاهره آصف شهيد جي مڙس، نياڻي ، پٽن ۽ تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ڪئي ۽ دعا فرمائي ته الله تعالٰي طاهره آصف شهيد کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. انهن رابطا ڪميٽي جي ٽي روزه سوڳ جي فيصلي جي توثيق ڪئي ۽ ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پرامن طور تي سوڳ ملهائين. شهيد جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪن، ميڻ بتيون روشن ڪن ۽ دنيا کي ٻڌائي چڏين ته جيڪڏهن دشمنن طاهره آصف شهيد جي شڪل ۾ هڪ چراغ کي وسائي چڏيو آهي ته پوري ملڪ ۾ لکين چراغ ٻري به رهيا آهن . انهن واپارين، دڪاندارن، صنعتڪارن ۽ ٽرانسپورٽ حضرات کي چيو ته اهي پنهنجو ڪاروبار جاري رکن ۽ سوڳ ۾ شريڪ ٿي ڪري انهن کي خراج  عقيدت پيش ڪن.


4/29/2024 12:57:13 AM