Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق صدر جنرل پرويز مشرف جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو


 Posted on: 6/20/2014
سابق صدر جنرل پرويز مشرف جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
جنرل پرويز مشرف حق پرست قومي اسيمبلي ميمبر محترمه طاهره آصف جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
لنڊن؛ 20 جون 2014
          سابق صدر پاڪستان جنرل پرويز مشرف ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ فون ڪري ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي شهادت تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. پرويز مشرف جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي جي عورت ميمبر کي گولين جو نشانو بڻائي ڪري قتل ڪرڻ حيوانيت ۽ ظلم جي انتها آهي،جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن جناب الطاف حسين، ايم ڪيو ايم جي تمام ذميوارن، ڪارڪنن ۽ شهيد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه طاهره آصف کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي، سوگوارن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ بي گناھ شهرين جي قاتلن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي.جناب الطاف حسين تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي جنرل پرويز مشرف جو شڪريو ادا ڪندي فرمايو ته ان کان اڳ به سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن حيدر رضا، منظر امام، ساجد قريشي ۽ انهن جي پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ گذريل ڏينهن به هٿيار بند دهشت گردن محترمه طاهره آصف کي لاهور ۾ باقائده سڃاڻپ ڪري ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو هو. انهن فرمايو ته قتل و غارتگري  جي باوجود ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ، چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن جا حوصلا بلند آهن. اسان 35 سالن تائين هر قسم جي آزمائشن کي ثابت قدمي سان منهن ڏنو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي حق پرستي جي جدوجهد جاري رهندي.


4/28/2024 1:02:26 PM