Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شهيد بيداري پنجاب، حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي مڙس آصف ۽ انهن جي فيملي کي قتل جون ڌمڪيون ملڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 6/22/2014
شهيد بيداري پنجاب، حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي مڙس آصف ۽ انهن جي فيملي کي قتل جون ڌمڪيون ملڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
شهيد محترمه طاهره آصف جي مڙس سميت اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.رابطا ڪميٽي جو وفاقي حڪومت کان مطالبو.
ڪراچي؛ 22 جون 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي “شهيد بيداري پنجاب” حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي مڙس آصف ۽ انهن جي فيملي کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهيد بيداري پنجاب، محترمه طاهره آصف کي به قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون پر حڪومت کي بار بار اپيل ڪرڻ جي باوجود ڪوئي به نوٽس نه ورتو ويو ۽ نه ئي انهن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي جنهن جي ڪري محترمه طاهره آصف کي باقائده سڃاڻپ ڪري قتل ڪيو ويو جيڪو هڪ سواليه نشان آهي. انهن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پنجاب ۾ وڌندڙ لاقانونيت ۽ قتل و غارتگري جو نوٽس وٺي. شهيد محترمه طاهره آصف جي مڙس آصف سميت ايم ڪيو ايم جي ٻين اسيمبلين  ميمبرن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن ان جي ڪري انهن کي  سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي .


4/19/2024 5:02:20 AM