Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت جي طرفان ڪيبل آپريٽرن کي خوفزده ڪرڻ ۽ چوڌري طاهر ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 6/22/2014

وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت جي طرفان ڪيبل آپريٽرن کي خوفزده ڪرڻ ۽ چوڌري طاهر ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي طرفان مذمت جو اظهار.
حڪومت اهڙا قدم کڻي ميڊيا جي آزادي جو ڳلو دٻائي رهي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 22 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جي طرفان ڪيبل آپريٽرن کي خوفزده ڪرڻ ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پهرين حڪومت پيمرا جي ذريعي اي آر وائي کي بند ڪرايو ۽ هاڻي انهن جي غيرقانوي بندش تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ ڪيبل آپريٽرن کي خوفزده ڪيو پيو وڃي. ڪيبل آپريٽر ايسوسيئيشن جي عهديدار چوڌري طاهر کي به ملتان کان گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي ان عمل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته حڪومت ان طرح جا قدمَ کڻي ڪري ميڊيا جي آزادي جو ڳلو دٻائي رهي آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪيبل آپريٽرن کي خوفزده ڪرڻ ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ بند ڪيو وڃي. چوڌري طاهر ۽ ٻين گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.
****

4/26/2024 1:05:15 AM