Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي وڏي پيماني تي گرفتارين ۽ انهن جي آفيسن تي چاپا هڻڻ حڪومت جو کليل ظلم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 6/22/2014

پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي وڏي پيماني تي گرفتارين ۽ انهن جي آفيسن تي چاپا هڻڻ  حڪومت جو کليل ظلم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پنهنجي رهنما جو استقبال ۽ جلسا ڪرڻ هر جماعت جوآئيني ، قانوني ۽ جمهوري حق آهي. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 22 جون 2014
        متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسلام آباد ، راولپنڊي ۽ لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي وڏي پيماني تي گرفتارين ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي آفيسن تي چاپن هڻڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي کليل حڪومتي ظلم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته هجڻ ته اهو گهرجي ها ته حڪومت سانحه 17 جون ماڊل ٽائون جي ذميوارن کي گرفتار ڪري ها ۽ لاهور ۾ ظلم ڪرڻ وارن کي سزا ڏني وڃي ها پر ان جي بجاءِ پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جون ئي وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون پيون وڃن ۽ انهن کي حڪومتي دهشت گردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن فرمايو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ته فوج ملڪ دشمن دهشت گردن جي خلاف آپريشن ڪري رهي آهي ۽ ان جنگ ۾ پنهنجيون جانيون قربان ڪري رهي آهي. اهڙي وقت ۾ ملڪ ۽ قوم کي اتحاد ۽ ڀائيچاري جي ضرورت آهي. پر حڪومت ان نازڪ وقت ۾ به مخالفن کي رياستي طاقت جي ذريعي ڪڇلي رهي آهي جيڪو سمجھ کان ٻاهر آهي. انهن فرمايو ته هڪ رهنما جو استقبال ۽ جلسا هر جماعت جو آئيني ، قانوني ۽ جمهوري حق آهي ۽ ڪنهن به جماعت کي ان حق کان محروم ڪرڻ ۽ طاقت جي ذريعي ان جي آواز کي دٻائڻ نه صرف غيرجمهوري بلڪه آمرانه قدم به آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن فرمايو ته اهو ظلم فوري طور تي بند ڪيو وڃي.پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ چاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ انهن جي رستي ۾ رکاوٽون وجهڻ جو سلسلو به بند ڪيو وڃي.

4/25/2024 12:41:33 AM