ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام شهيد بيداري پنجاب ،ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي ايصال ثواب جي لاءِ قرآن خواني و فاتحه خواني جو اجتماع 22 جون بروز آچر تي نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويندو.
حق پرست عوام ۽ ڪارڪنَ قرآن خواني جي اجتماع ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن.رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ڪراچي؛ 21 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام شهيد بيداري، پنجاب ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي ايصال ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو اجتماع 22 جون بروز آچر تي عصر کان مغرب تائين نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويندو. جنهن ۾ شهيد بيداري پنجاب ، ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو ۽ انهن جي بلند درجات جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون وينديون. رابطا ڪميٽي حق پرست عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جي اجتماع ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن.