Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي جي سربراهي ۾ وفد وزير اعلٰي بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ سان ملاقات ڪئي.وفد نيشنل پارٽي جي مسيح ميمبر صوبائي اسيمبلي هينڊري مسيح جي قتل جي مذمت ڪئي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.


 Posted on: 6/21/2014

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي جي سربراهي ۾ وفد وزير اعلٰي بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ سان ملاقات ڪئي.وفد نيشنل پارٽي جي مسيح ميمبر صوبائي اسيمبلي هينڊري مسيح جي قتل جي مذمت ڪئي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
ڪوئيٽا؛ 21 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي وفد رابطا ڪميٽي ميمبر يوسف شاهواڻي جي سربراهي ۾ نيشنل پارٽي جي صدر ۽ وزير اعلٰي بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان نيشنل پارٽي سان تعلق رکندڙ مسيح ميمبر صوبائي اسيمبلي هينڊري مسيح جي قتل جي مذمت ڪئي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ايم ڪيو ايم وفد ۾ بلوچستان ڪميٽي جو انچارج عبدالخالق بلوچ ۽ ميمبرَ،متحده سوشل فورم ميمبر غلام علي شاهاڻي ۽ ڪوئيٽا زون جا ذميوار به شامل هئا.ان موقعي تي وفد ڊاڪٽر عبدالمالڪ کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان همدردي جو پيغام پهچائيندي چيو ته هينڊري مسيح جو قتل پوري قوم جي لاءِ ڳڻتي جو ڪارڻ آهي. ان موقعي تي وزير اعلٰي بلوچستان به ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي افسوسناڪ قتل جي مذمت ڪئي ۽ جناب الطاف حسين  ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان همدردي جو اظهار ڪيو.

4/25/2024 8:53:45 PM