Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي شهيد ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي ٽيجهي جو مرڪزي اجتماع لاهور ۾ منعقد ٿيو.


 Posted on: 6/21/2014
ايم ڪيو ايم جي شهيد ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي ٽيجهي جو  مرڪزي اجتماع لاهور ۾ منعقد ٿيو.

لاهور؛ 21 جون 2014

           متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي ٽيجهي جو مرڪزي اجتماع لاهور ۾ انهن جي رهائشگاھ فيڊرل لاجز متصل گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب، عادل صديقي، خالد سلطان ۽ افتخار اڪبر رنڌاوا ، حق پرست اسيمبلي ميمبرن، شهيد جي مڙس محمد آصف، آزاد ڪشمير جي صدر سردار محمد يعقوب، وزير اعظم آزاد ڪشمير چوڌري عبد المجيد، مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن چوڌري شهاب، ملڪ رشيد، پرويز مشرف جي جماعت آل پاڪستان مسلم ليگ جي ترجمان ميجر جنرل (ر) راشد قريشي، پنجاب جي صدر ڊاڪٽر احمد حسين، ايڊيشنل سيشن جج لاهور خالد محمود، لاهور هائي ڪورٽ جي سيڪريٽري جنرل محمد احمد، سابق اسپيڪر قومي اسيمبلي چوڌري امير حسين، سابق ڊائريڪٽر ايف آئي اي چوڌري منظور، سابق ميمبر قومي اسيمبلي انعام الله نيازي ۽ ايم ڪيو ايم پنجاب جي مرڪزي ڪميٽين جي ذميوارن کان علاوه مختلف سماجي ، سياسي ۽ مذهبي تنظيمن جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ طاهره آصف شهيد جي لاءِ قرآن خواني و فاتحه خواني ڪئي.ٽيجهي ۾ شريڪ شخصيتن محترمه طاهره آصف جي قتل کي وڏو ظلم قرار ڏيندي ان قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. ٽيجهي ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب طاهره آصف شهيد سميت تمام حق پرست شهيدن ۽ پاڪستان جي سلامتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪرائي.


4/19/2024 2:56:10 PM