Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لاهور شهر ۾ عورت اسيمبلي ميمبر جو دردناڪ قتل صوبائي حڪومت جي گڊگورننس جي دعوائن تي سواليه نشان آهي.صدر آزاد ڪشمير سردار محمد يعقوب.


 Posted on: 6/21/2014
لاهور شهر ۾ عورت اسيمبلي ميمبر جو دردناڪ قتل صوبائي حڪومت جي گڊگورننس جي دعوائن تي سواليه نشان آهي.صدر آزاد ڪشمير سردار محمد يعقوب.

ڪشمير جا ماڻهو طاهره آصف جي پونئرن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. وزير اعظم آزاد ڪشمير چوڌري عبدالمجيد.

لاهور ۾ طاهره آصف شهيد جي ٽيجهي جي موقعي تي ڳالھ ٻولھ.

لاهور؛ 21 جون 2014

           متحده قومي موومينٽ جي شهيد عورت اسيمبلي ميمبر طاهره آصف جي ٽيجهي ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار محمد يعقوب ۽ آزاد ڪشمير جي وزير اعظم چوڌري عبدالمجيد شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير جي عوام جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ، طاهره آصف جي پونئرن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي سردار محمد يعقوب سوگوارن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته طاهره آصف شهيد صرف قومي اسيمبلي جي ميمبر ئي نه هئي بلڪه هن قوم جي ڀيڻ ۽ نياڻي به هئي انهن جي وحشياڻي قتل جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن چيو ته پاڪستان هن وقت جن حالتن کان گذري رهيو آهي اهڙين حالتن ۾ ملڪ انهن واقعن کي برداشت ڪري نه ٿو سگهي.انهن چيو ته پنجاب ملڪ جو وڏو صوبو ۽ لاهور اهم شهر آهي ۽ لاهور جهڙي شهر ۾ اهو قتل پنجاب حڪومت جي سٺي گورننس جي دعوائن تي سواليه نشان آهي جنهن تي پوري قوم کي ڳڻتي آهي. ان موقعي تي وزير اعظم آزاد ڪشمير چوڌري عبدالمجيد طاهره آصف شهيد جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشمير جا ماڻهو طاهره آصف جي پونئرن ۽ ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ ان واقعي تي ڏکايل به آهن. ان موقعي تي صدر آزاد ڪشمير ۽ وزير اعظم آزاد ڪشمير حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي طاهره آصف شهيد جي قتل ۾ ملوث ماڻهن ۽ انهن جي اڳواڻڻ کي گرفتار ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ۽ طاهره آصف جي قتل جي پويان لڪيل سازشن کي بي نقاب ڪري.


4/24/2024 11:34:53 PM