ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي وفد سان گڏجي نواب چنگيز مري سان ملاقات ڪئي.
انهن نواب چنگيز مري سان انهن جي والد خير بخش مري جي وفات تي انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
ڪوئٽيا؛ 21 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي وفد سان گڏجي ڪوئيٽا ۾ نواب خير بخش مري جي فرزند نواب چنگيز مري سان انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خير بخش مري جي وفات تي انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ مغفرت جي دعا به ڪئي ،ان کان پوءِ يوسف شاهواڻي نواب چنگيز مري کي انهن جي دستار بندي جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي نواب چنگيز مري لاهور ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي قتل جي مذمت ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان همدردي جو اظهار به ڪيو. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي به نواب چنگيز مري سان ٽيليفون تي رابطو ڪري جناب الطاف حسين جي طرفان انهن سان انهن جي والد جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي.