Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ٻين جي تحريڪ منهاج القرآن جي سيڪريٽريٽ ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري جي فرزند ڊاڪٽر حسين محي الدين سان ملاقات.


 Posted on: 6/19/2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽  ٻين جي تحريڪ منهاج القرآن جي سيڪريٽريٽ ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري جي فرزند ڊاڪٽر حسين محي الدين سان ملاقات.
لاهور؛ 19 جون 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ، رابطا ڪميٽي ميمبرن افتخار اڪبر رنڌاوا، خالد سلطان ۽ ٻين تحريڪ منهاج القرآن جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري جي فرزند ڊاڪٽر حسين محي الدين ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پنجاب پوليس جي طرفان لاهور ۾ تحريڪ منهاج القرآن جي آفيس ۾ ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڪارڪنن کي بيدردي سان شهيد ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر حسين محي الدين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته پنجاب پوليس تحريڪ منهاج القرآن جي ڪارڪنن سان جيڪو ظلم ڪيو آهي اهو پنجاب جي تاريخ جو بدترين سانحو آهي.جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن تي پوليس جي طرفان اهڙي طرح تشدد ڪيو ويو آهي ڄڻ ته اهي ڪي دهشت گرد آهن جڏهن ته جيڪي اصل دهشت گرد آهن اهي اڄ به دهشت گردي ڪندا پيا وتن ۽ معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن جنهن جي تازه مثال ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف آهي جيڪي اڄ زندگي ۽  موت جي ڪشمش ۾ مبتلا آهن. انهن چيو ته ان ڏکئي وقت ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن اوهان سان گڏ آهي ۽ اختيار رکندڙ ڌرين کان مطالبو ڪيون ٿا ته اهي پوليس جي ان وحشياڻي تشدد ۽ ٻن عورتن سميت ڪارڪنن جي شهادت جي دردناڪ واقعن جو سنجيدگي سان نوٽس وٺن ۽ ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ترين  قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڊاڪٽر حسين محي الدين ايم ڪيو ايم جي طرفان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو ۽ ٻين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ گذريل ڏينهن محترمه طاهره آصف تي دهشت گردن جي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي . انهن چيو ته ان حملي ثابت ڪري چڏيو آهي ته حڪومت بري طرح سان ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي انجام تي پهچڻ واري آهي. ان موقعي تي تحريڪ منهاج القرآن جي شهيد ڪارڪنن جي ايصال و ثواب ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي ۽ محترمه طاهره آصف جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ به خصوصي دعائون ڪيون ويون.


4/28/2024 5:48:56 PM