Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 19 جون کي ڪاري ڏينهن جي طور تي ملهايو ويو


 Posted on: 6/19/2014
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 19 جون کي ڪاري ڏينهن جي طور تي ملهايو ويو.
نائن زيرو سميت سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڪارا جهنڊا لهرايا ويا ۽ 19 جون جي شهيدن جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا.
ڪراچي؛ 19 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 19 جون کي ڪاري ڏينهن جي طور تي ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ نائن زيرو سميت سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڪارا جهنڊا لهرايا ويا ۽ ڪارڪنن پنهنجين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون هيون. جڏهن ته 19 جون جي شهيدن جي 22 هين ورسي جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا ۽ تمام شهيدن کي زبردست خراج عقيدت و سلام عقيدت پيش ڪيو ويو. ورسي جو مرڪزي اجتماع نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال، رابطا ڪميٽي ميمبرن ، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کان علاوه سيڪٽرن و يونٽن جي ذميوارن ،ڪارڪنن ۽ شهيدن جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مولانا محمد
2
شميم خان دعا ڪرائي جنهن ۾ حق پرست شهيدن جي مغفرت، انهن جي درجات جي بلندي، سوگوارن جي لاءِ صبر جميل، ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جي خاتمي، حق پرستانه جدوجهد جي ڪاميابي ، اسيرن جي رهائي، لاپتا ڪارڪنن جي بحفاظت واپسي، قومي اسيمبلي ميمبر طاهره آصف جي صحت يابي سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. ڪراچي وانگر اندرون سنڌ جي زونن حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر، نواب شاھ، سانگهڙ، خيرپور، نوشهرو فيروز، ٽنڊو الهيار، گهوٽڪي، ڄامشورو، عمر ڪوٽ“ ٺٺي، بدين، لاڙڪاڻي، شڪارپور، دادو، قمبر، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، پنجاب ۾ لاهور، راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد، اسلام آباد، بلوچستان ۾ ڪوئٽيا، نصير آباد ، ڊيره الهيار، خيبرپختونخواھ ۾ ايبٽ آباد، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ مظفر آباد، ميرپور خاص، راولاڪوٽ ۽ باغ ۾ قرآن خواني ۽ فاتحه خوني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي 19 جون جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني و فاتحه خواني ڪئي و

4/28/2024 3:56:35 PM