عوام ۽ ڪارڪنَ علماء ڪميٽي جي ميمبر مولانا فيروز
الدين رحماني جي فرزند شاھ حسين الدين رحماني ۽ ايم ڪيو ايم جي سابق حق
پرست نائب ناظم سائيٽ ٽائون بادشاھ خان شهيد جي فرزند همايون خان جي جلد و
مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعائون ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛ 19 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي جي ميمبر مولانا فيروز الدين رحماني جي فرزند شاھ حسين الدين رحماني جي ٽريفڪ حادثي ۾ سخت زخمي ٿيڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي سابق حق پرست نائب ناظم سائيٽ ٽائون بادشاھ خان شهيد جي فرزند همايون خان جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين امڙين، ڀينرن، بزرگن ، نوجوانن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي شاھ حسين الدين رحماني ۽ همايون خان جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن.
****