Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف تي حملو هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حق پرستي جي نظرئي کي دٻائڻ جي سازش آهي. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


 Posted on: 6/19/2014
حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف تي حملو هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حق پرستي جي نظرئي کي دٻائڻ جي سازش آهي. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
باطل قوتون پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي مقبوليت ۽ حق پرستي جي وڌندڙ پيغام کان خوفزده ٿي ويون آهن.
لاهور ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي محترمه طاهره آصف جي عيادت کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن کي پريس بريفنگ.
لاهور؛19 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته باطل قوتون هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي مقبوليت ۽ حق پرستي جي وڌندڙ پيغام کان خوفزده ٿي ويون آهن. ڏينهن ڏٺي جو ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف تي دهشت گردن جي فائرنگ پنجاب ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حق پرستي جي نظرئي کي دٻائڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي خوف زده ڪرڻ جي سازش جو حصو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن لاهور جي شيخ زيد اسپتال ۾ ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي عيادت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي محترمه طاهره آصف جو مڙس محمد آصف، رابطا ڪميٽي ميمبرَ افتخار اڪبر رنڌاوا، خالد سلطان ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن جي به وڏي تعداد موجود هئي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته طاهره آصف کي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون جنهن جي باري ۾ انهن حڪومت کي آگاھ ڪيو هو پر ڪي به قدمَ نه کنيا ويا، بحيثيت ميمبر قومي اسيمبلي اهو انهن جو حق هو ته حڪومت انهن کي سيڪيورٽي فراهم ڪري ها.انهن مختلف حلقن جي طرفان ان افسوسناڪ واقعي کي ڌاڙي يا چوري جي واردات قرار ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته فائرنگ جي وقت طاهره آصف سان گڏ انهن جي نياڻي به هئي ۽ دهشت گردن انهن جي سڃاڻپ ڪري انهن تي  فائرنگ ڪئي پر انهن کان يا انهن جي نياڻي کان ڪوئي به موبائيل، زيور يا ٻي ڪا به روڪ رقم ڇڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي ، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته دهشت گردن جو نشانو صرف محترمه طاهره آصف ئي هئي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سڄي ملڪ جي عوام کي دردمندانه اپيل ڪئي ته اهي محترمه طاهره آصف جي جلد ومڪمل صحت يابي جي لاءِ دعائون ڪن. ان موقعي تي انهن پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها طاهره آصف تي فائرنگ ڪرڻ جي ان افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث وحشي دهشت گردن کي گرفتار ڪري ۽ انهن کي قانون جي مطابق سخت سزا ڏي.


4/28/2024 7:32:56 PM