الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف کي زندگي عطا فرمائي ۽ انهن کي مڪمل صحت به عطا فرمائي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
عوام ۽ ڪارڪنَ محترمه طاهره آصف جي زندگي جي لاءِ دعائون ڪن.جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛19 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عوام ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي زندگي جي لاءِ دعائون ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڊاڪٽرَ طاهره آصف جي زندگي بچائڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهيا آهن پر انهن جي حالت مسلسل بگڙجندي پئي وڃي ۽ اهي هن وقت زندگي ۽ موت جي ڪشڪمش ۾ مبتلا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پاڻ به الله تعالٰي جي حضور دعاگو آهيان ته اهي طاهره آصف کي زندگي عطا فرمائين ۽ مان عوام ۽ ڪارڪنن کي به اپيل ڪريان ٿو ته اهي به طاهره آصف جي لاءِ دعائون ڪن.
****