ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ٽرانسپورٽرن، دڪاندارن ۽ واپاري حضرات جي درخواست تي يوم سوگ جي اپيل تي نظر ثاني ڪندي ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروبار بند رکڻ جي اپيل واپس وٺي چڏي.
ڪراچي؛17 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ٽرانسپورٽرن،دڪاندارن ۽ واپارين جي درخواست تي تفصيلي غور ڪرڻ کان پوءِ يوم سوگ جي اپيل تي نظرثاني ڪندي ڪراچي سميت سڄي پاڪستان جي ٽرانسپورٽرن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 18 جون بروز اربع تي پرامن يوم سوگ جي موقعي تي پنهنجي ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروبار معمول جي مطابق جاري رکن. رابطا ڪميٽي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي يوم سوگ جي موقعي تي ڪارا جهنڊا لهرائين ۽ پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج رجسٽرڊ ڪرائين ۽ سانحه لاهور جي شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪن.