Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب حڪومت جي طرفان منهاج القرآن سيڪريٽريٽ ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاھ جو گهيراءُ ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 6/17/2014
پنجاب حڪومت جي طرفان منهاج القرآن سيڪريٽريٽ ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاھ جو گهيراءُ ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.

طاهر القادري جي رهائشگاھ جو گهيراءُ ختم ڪيو وڃي.جناب الطاف حسين.

لنڊن؛ 17 جون 2014

          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب حڪومت جي طرفان منهاج القرآن جي سربراھ ڊاڪٽر طاهرالقادري جي رهائشگاھ ۽ سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪرڻ ۽ ان جي آس پاس لڳل حفاظتي بيريئر هٽائڻ، انهن جي ڪارڪنن تي تشدد ڪرڻ ۽ شيلنگ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ ۾ هن وقت دهشت گردن جي خلاف آپريشن جاري آهي، اهڙي ۾ جتي اتحاد ۽ ڀائيچاري جي ضرورت آهي ۽ تمام سياسي و مذهبي جماعتن کي ساڻ وٺي ڪري هلڻ جي سخت ضرورت آهي، اهڙي صورت ۾ تحريڪ منهاج القرآن جي سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪرڻ ۽ هتي لڳل حفاظتي بيريئرهٽائڻ جي ڪاروائي غير دانشمندانه آهي. انهن فرمايو ته اهو قدم ڊاڪٽر طاهر القادري جي ڪارڪنن جا جذبات ڀڙڪائڻ جي مترادف آهي. لحاظه پنجاب حڪومت کي گهرجي ته اها تحريڪ منهاج القرآن جي خلاف اهڙي طرح جون ڪاروائيون ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجيون تمام تر توانائيون ملڪ دشمن دهشت گردن جي خلاف صرف ڪري.انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاھ ۽ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جي آس پاس لڳل حفاظتي بيرئير هٽائڻ جي ڪاروائي بند ڪئي وڃي.

4/29/2024 2:28:40 PM