ڪارڪن ۽ عوام تحريڪ منهاج القرآن جي زخمي ٿيندڙ ڪارڪنن جي لاءِ رت جا عطيات ڏين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي زنده دلان لاهور کي اپيل.
لنڊن؛17 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين زنده دلان لاهور، خصوصن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي لاهور ۾ پوليس جي وحشياڻي تشدد ۾ زخمي ٿيندڙ تحريڪ منهاج القرآن جي ڪارڪنن جي زندگين جي تحفظ جي لاءِ رت جا عطيات ڏين. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پوليس جي چڙهائي جي ڪري تحريڪ منهاج القرآن جا 8 ڪارڪن َ شهيد ٿي ويا جڏهن ته درجنين سخت زخمي حالت ۾ اسپتالن ۾ زير علاج آهن ۽ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن. انهن لاهور جي عوام خصوصن ايم ڪيو ايم پنجاب جي ذميوارن،ڪارڪنن ۽ همدردن کي اپيل ڪئي ته اهي اسپتال وڃي ڪري پاڪستان عوامي تحريڪ جي زخمي ڪارڪنن جي جانين جي تحفظ جي لاءِ وڌ کان وڌ رت جا عطيات ڏين.