Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم تحريڪ منهاج القرآن جي ڪارڪنن جي شهادت تي 18 جون بروز اربع تي سڄي ملڪ ۾ يوم سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪري چڏيو.


 Posted on: 6/17/2014
ايم ڪيو ايم تحريڪ منهاج القرآن جي ڪارڪنن جي شهادت تي 18 جون بروز اربع تي سڄي ملڪ ۾ يوم سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪري چڏيو.

سڄي ملڪ جا واپاري، صنعتڪار، دڪاندار ۽ ٽرانسپورٽر حضرات يوم سوڳ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. رابطا ڪميٽي جي اپيل.

ڪراچي؛ 17 جون 2014

           ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لاهور ۾ پوليس جي هٿان ٻن عورتن سميت تحريڪ منهاج القرآن جي ڪارڪنن جي شهادت تي 18 جون بروز اربع تي سڄي ملڪ ۾ يوم سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪري چڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي واپارين، صنعتڪارن، دڪاندارن ۽ ٽرانسپورٽرن حضرات کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته اهي يوم سوگ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ۽ تحريڪ منهاج القرآن جي شهيدن جي پوئنرن ۽ ڪارڪنن سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪن. پنهنجو ڪاروبار، گاڏيون ۽ ٻيون سرگرميون بند رکن.رابطا ڪميٽي سڄي ملڪ جي عوام کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي يوم سوڳ ۾ ڪنهن به سرڪاري ۽ پرائيويٽ ملڪيت کي نقصان نه پهچائين.ايمبولنسن،فائربريگيڊ ۽  ٻين ايمرجنسي جي خدمتن تي مامور گاڏين جي لاءِ رستو بڻائين ته جيئن ايمرجنسي جي خدمتن تي مامور گاڏين کي ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ جو سامنو نه ٿئي.رابطا ڪميٽي تحريڪ منهاج القرآن ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي وحشاڻي تشدد جو بڻائڻ ۽ ٻن عورتن سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت جي ظالمانه قدمن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي ڪارڪنن جي شهادت تي تمام پونئرن ،ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ انهن جي تمام ڪارڪنن ۽ همدردن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي صبر جميل عطا فرمائي.آمين.




4/29/2024 2:44:55 PM