Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

موجوده حڪومت دهشت گردن جي خلاف جاري فوجي آپريشن کان خوش نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 6/17/2014
موجوده حڪومت دهشت گردن جي خلاف جاري فوجي آپريشن کان خوش نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.

موجوده حڪومت فوجي آپريشن کان توجه هٽائڻ جي لاءِ تحريڪ منهاج القرآن کي نشانو بڻائي رهي آهي.

جيڪڏهن ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ انهن جي جماعت ان ظلم جي خلاف ڪوئي لائحه عمل ٺاهي ٿي ته ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاليسي ٺاهڻ ۾ آزاد آهي.

اڱاري جي صبح هڪ ٽي وي چينل کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خصوصي انٽرويو.

لنڊن؛ 17 جون 2014

متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته موجوده حڪومت دهشت گردن جي خلاف جاري فوجي آپريشن کان خوش نه آهي ۽ هٿيار بند فوج جي توجه فوجي آپريشن کان هٽائڻ جي لاءِ تحريڪ منهاج القرآن کي نشانو بڻائي رهي آهي. انهن چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف کي دردمندانه اپيل ڪئي ته اهي لاهور ۾ پوليس جي ظالمانه قدمن جي باوجود دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ فوجي آپريشن کي هرگز به ختم نه ڪن.اڱاري جي صبح هڪ ٽي وي چينل کي خصوصي انٽرويو ڏيندي جناب الطاف حسين تحريڪ منهاج القرآن جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاھ ۽ سيڪريٽريٽ جي گهيراءُ جي خلاف مظاهرو ڪرڻ وارن ڪارڪنن تي پوليس اهلڪارن جو انسانيت سوز تشدد، بغير ڪنهن جواز جي فائرنگ ڪرڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت تحريڪ منهاج القرآن جي ڪيترن ئي ڪارڪنن جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين ڊاڪٽر طاهر القادري ، شهيدن جي پونئرن ۽ ٻين سوگوارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي تمام شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ٻه ڏينهن اڳ ئي مذهبي انتها پسندن ۽ دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن جو آغاز ڪيو ويو هو ۽ طالبان دهشت گردن جي هٿان شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن جا ڏک هلڪا ٿيا هئا ته فوج انهن شهيدن جو بدلو وٺندي ۽ وحشي دهشت گردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائيندي.انهن فرمايو ته ڊاڪٽر طاهر القادري کي 23 جون تي پاڪستان اچڻو آهي ۽ 17 جون تي پوليس کي لاهور ۾ صبح سوير ئي تحريڪ منهاج القرآن جي سيڪريٽريٽ جا بيريئر هٽائڻ ۽ اتي چڙهائي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ انهن فرمايو ته مان ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهيان ۽ سچ ڳالهائڻ تي ئي ڪجھ ماڻهو مون کان ناراض ٿي وڃن ٿا. انهن وڌيڪ فرمايو ته موجوده وفاقي حڪومت چيو هو ته اها دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن جي حمايت ڪري ٿي، پر اڄ تحريڪ منهاج القرآن جي مرڪز تي جيڪي افسوسناڪ واقعا ٿيا ان تي مون کي شڪ آهي ته حڪومت بظاهر ته فوجي آپريشن جي حمايت ڪري ٿي پر حقيقت ۾ اها دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن کان خوش نه آهي، پاڪستان جو هر تعليم يافته ۽ عقل وارو ماڻهو ان سوال جو جواب ڏي ته هن وقت جڏهن ته دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن جاري آهي ، تحريڪ منهاج القران جي مرڪز تي پوليس کي چڙهائي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ لاهور ۾ حڪومت جي غير انساني، غير قانوني ۽ غير جمهوري اقدامات جي خلاف پرامن مظاهرو ڪرڻ وارن کي ظلم جو نشانو ڇو بڻايو ويو؟ هڪ سوال جي جواب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته دهشت گرد،امام بارگاهن، مسجدن، گرجاگهرن ۽ ٽڪاڻڻ کي نشانو بڻائي رهيا آهن، نماز پڙهندڙن تي خودڪش حملا ۽ بازارن ۾ بم ڌماڪا ڪري معصومن کي شهيد ڪري رهيا آهن. ائين لڳي ٿو ته انهن دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن کان موجوده حڪومت خوفزده آهي ۽ حڪومت جي مرضي تي فوجي آپريشن تان توجه هٽائڻ ۽ وحشي طالبان کي بچائڻ جي لاءِ پوري ملڪ ۾ خون ريزي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. انهن فرمايو ته حڪومت اهي ظالمانه قدمَ نه صرف طالبان دهشت گردن کي بچائڻ جي لاءِ ڪري رهي آهي بلڪه جمهوريت کي به نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪري رهي آهي. انهن فوج کي مخاطب ڪندي فرمايو ته موجوده حڪومت کي پوليس جي ذريعي ظلم ڪرڻ ڏيو پر الله تعالٰي ۽ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي اوهان دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن کي هرگز به ختم نه ڪجو ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ هر قدم کنيو وڃي ڇو ته انسانن جي جان و مال جي تحفظ کان وڌيڪ ڪوئي به اهميت جو حامل نه آهي. انهن آئيني ۽ قانوني ماهرن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي ٽيليويزن تي اچي ڪري قوم کي ٻڌائين ته انهن جي نظر ۾ ملڪ جو آئين مقدم آهي يا ملڪ جي سلامتي ۽ عوام جي جان و مال جو تحفظ مقدم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته مان هن وقت لاهور ۾ پيش ايندڙ دردناڪ واقعن تي هڪ سياسي رهنما ۽ پاڪستاني شهري جي حيثيت سان پنهنجن جذبن جو اظهار ڪري رهيو آهيان. منهنجيون تمام تر همدرديون ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ انهن جي جماعت سان گڏ آهن. جيڪڏهن طاهر القادري ۽ انهن جي جماعت ان ظلم جي خلاف ڪوئي لائحه عمل بڻائي ٿي ته ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاليسي ٺاهڻ ۾ آزاد آهي. رابطا ڪميٽي جيڪا به پاليسي بڻائيندي ۽ جيڪڏهن پاڪستان جي سلامتي ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائي جي لاءِ بهتر هوندي ته مان ان جي حمايت ڪندس. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن جو نالو ضرب عضب رکيو ويو، جيڪو سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم جي تلوار مبارڪ جي نالي مبارڪ تي رکيو ويو آهي.موجوده حڪومت ان مبارڪ نالي تي جاري آپريشن جي تذليل ڪري توهين رسالت صلي الله عليه وسلم جو ارتڪاب ڪري رهي آهي. مان دعاگو آهيان ته الله تعالٰي  حڪومت کي معاف ڪري.انهن چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ۽ ڪورڪمانڊرن کي اپيل ڪئي ته حڪومت دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن کي روڪڻ جي لاءِ هٿڪنڊا استعمال ڪري  ته اوهان خدا جي واسطي دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن هرگز به ملتوي نه ڪجو، عوام جو ساٿ ڏيو، سڄي ملڪ جون سياسي و مذهبي جماعتون ۽ عوام متحد ٿي ڪري جمهوريت جي استحڪام،پاڪستان جي سلامتي ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته مون کي ياد نه ٿو پوي ته سابق صدر آصف علي زرداري ۽ انهن جي جماعت پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڪنهن سياسي جماعت جي خلاف ڪوئي اهڙو ايڪشن ڪيو ويو هجي، انهن جي دور حڪومت ۾ جڏهن ڪراچي جي هڪ علائقي جي ڏوهارين ۽ منشيات فروشن ايم ڪيو ايم ۽ اردو ڳالهائڻ وارن جي خلاف مهم هلائي هئي، جنهن کي هڪ صوبائي وزير جي ڀرپور حمايت حاصل هئي. اسان ان ظلم جي خلاف آواز بلند ڪئي هئي.

4/29/2024 4:19:23 PM