Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حالتن جي ڏاڍ کان ڊڄڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .


 Posted on: 6/18/2014
 حالتن جي ڏاڍ کان ڊڄڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .

پاڪستان کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام،ظلم و ستم ۽ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ سڄي پنجاب جي ماڻهن کي ميدان ۾ اچي ڪري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

هڪ ٽي وي چينل کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خصوصي انٽرويو.

لنڊن؛ 18 جون 2014

متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته حالتن جي ڏاڍ کان ڊڄڻ يا گهبرائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن ،خوف انسان کي غلامي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري چڏي ٿو ان جي ڪري پاڪستان کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام، ظلم و ستم ۽ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ سڄي پنجاب جي ڪارڪنن ۽ عوام کي همت ۽ حوصلي سان ميدان ۾ نڪري ڪري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.اها ڳالھ انهن هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل کي خصوصي انٽرويو ڏيندي ڪئي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ جناب الطاف حسين حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف تي قاتلاڻه حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ انهن جي صحت و سلامتي جي لاءِ دعا به ڪئي. انهن فرمايو ته اهو حملو دهشت گردي جي واقعن جو تسلسل آهي جيڪو بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي ، ڪڏهن ان دهشت گردي جو نشانو ڪراچي، ڪڏهن سنڌ، ڪڏهن خيبرپختونخواھ ڪڏهن بلوچستان ۽ ڪڏهن فاٽا جا مختلف علائقا بڻجن ٿا،دهشت گردي جي انهن واقعن جي پويان مذهبي انتها پسند گروپ آهن جيڪي مسلح آهن ، معاشي طور تي مستحڪم آهن ۽ مڪمل طور تي تربيت يافته آهن. انهن محترمه طاهره آصف تي قاتلاڻه حملي جون تفصيلات ٻڌائيندي چيو ته اڄ طاهره آصف پنهنجي نياڻي ۽ ڊرائيور سان گڏپنهنجي گهر اقبال ٽائون لاهور کان اسلام آباد وڃڻ جي لاءِ نڪتيون، اهي پاڻ گاڏي هلائي رهيون هيون ، جڏهن انهن جي گاڏي موٽر وي جي ويجهو پهتي ته موٽر سائيڪل تي سوار ٻٽ ٻڌل هٿيار بند دهشت گردن انهن جي گاڏي کي روڪيو ۽ دروازو کولي ڪري انهن جو نالو پچيو ۽ پوءِ انهن کي ڌمڪي ڏني ته توهان گهڻو ٿي ڳالهايو. اسان توهان کي گولي هڻي چڏينداسين ان تي طاهره آصف چيو ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو تمام وڏو آهي ، ان تي انهن ان تي سخت فائرنگ ڪري ڏني.جناب الطاف حسين فرمايو ته طاهره آصف انتهائي ڳڻتي واري حالت ۾ لاهور جي شيخ زيد اسپتال ۾ زير علاج آهن جتي انهن جا ڪيترائي آپريشن ٿيا آهن. انهن جي هڪ رڳ گولي لڳڻ جي ڪري سخت متاثر ٿي آهي.جنهن جي ڪري انهن جي تمام گهڻي رت وهي چڪي آهي ۽ اڃان تائين انهن کي رت جون 30 بوتلون چڙهي چڪيون آهن . انهن فرمايو ته منهنجي طاهره آصف جي ڊاڪٽرن سان ڳالھ ٿي آهي ڊاڪٽر انهن جي جان بچائڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهيا آهن. انهن فرمايو ته طاهره آصف هڪ شفيق ۽ مهربان خاتون آهن ، ايم ڪيو ايم پنجاب هائوس جي ساٿين جو اها هڪ وڏي ڀيڻ جي حيثيت سان خيال رکندي هئي ، وحشي دهشت گرد حق پرستن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا ته جيڪو به  مذهبي انتها پسندن جي خلاف آواز اٿاريندو ان جو اهو ئي انجام ٿيندو.انهن فرمايو ته وحشي دهشت گردن کي معلوم هجڻ گهرجي ته ان کان اڳ به حق پرستي جي جدوجهد جي ڏوھ ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽن سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ اڄ دهشت گردن طاهره آصف تي قاتلاڻه حملو ڪيو آهي پر قتل و غارتگري ۽ دهشت گردي سان ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي حق پرستانه جدوجهد کان باز رکي نه ٿو سگهجي.انهن فرمايو ته اها ڳالھ افسوسناڪ آهي ته حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻين چونڊيل نمائندن ۽ رهنمائن کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون. انهن وڌيڪ فرمايو ته هن وقت رابطا ڪميٽي جا ميمبر ميان عتيق ، رشيد گوڏيل ۽ ٻيا اسپتال ۾ موجود آهن . انهن سڄي پنجاب جي ڪارڪنن ۽ عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته پنجاب کان حق پرستي جي مشن جي لاءِ هڪ بهادر امڙ ۽ ڀيڻ پنهنجي رت جي قرباني ڏني آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن کي به پاڪستان جي سلامتي۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ فرسوده جاگيرداراڻه نظام ۽ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ ميدان ۾ اچي ڪري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. انهن فرمايو ته حالتن جي ڏاڍ کان ڊڄڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن ، خوف انسان کي غلامي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري چڏي ٿو. مايوسي  ڪفر آهي اوهان حوصلي ۽ همت جو مظاهرو ڪريو ۽ حق پرستي جي جدوجهد کي جاري رکو انشاء الله تعالٰي پنجاب ايم ڪيو ايم جو مظبوط قلعو ثابت ٿيندو.جناب الطاف حسين ظلم ۽ ڏاڍ جي داستان کان عوام کي هر هڪ لمحي کان باخبر رکڻ تي ميڊيا جي نمائندن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي الله تعالٰي جي حضور محترمه طاهره آصف جي وڏي عمر ۽ جلد و مڪمل صحت يابي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن.

4/28/2024 8:15:52 PM