Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبر محترمه طاهره آصف جي مڙس ميان آصف ۽ انهن جي نياڻي سان جناب الطاف حسين جي فون تي ڳالھ ٻولھ، قاتلاڻه حملي جي مذمت ڪئي


 Posted on: 6/18/2014
 ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبر محترمه طاهره آصف جي مڙس ميان آصف ۽ انهن جي نياڻي سان جناب الطاف حسين جي فون تي ڳالھ ٻولھ، قاتلاڻه حملي جي مذمت ڪئي.

طاهره آصف کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون.جناب الطاف حسين.

لنڊن؛ 18 جون 2014

         ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي مڙس ميان آصف ۽ انهن جي نياڻي کي فون ڪري محترمه طاهره آصف تي ٿيندڙ قاتلاڻه حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ انهن سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو.ميان آصف سان ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته ان دردناڪ واقعي تي مون کي ذاتي طور تي ڏک پهتو آهي ۽ مان الله تعالٰي جي حضور دعاگو آهيان ته اهو محترمه طاهره آصف کي زندگي ۽ مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.انهن فرمايو ته محترمه طاهره آصف کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون.انهن کي پنهنجي سيڪيورٽي تي به سخت تحفظات هئا جنهن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان به ڪيو هو.انهن جي هدايت تي انهن مقامي انتظاميه کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي درخواستون  به ڪيون پر انهن جي درخواستن جو ڪوئي به نتيجو نه نڪتو. جناب الطاف حسين وڌيڪ فرمايو ته محترمه طاهره آصف هڪ بهادر ۽ بي خوف عورت آهي ۽ ڌمڪيون ملڻ جي باجود انهن حق کي حق ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ نه چڏيو. انهن محترمه طاهره آصف جي نياڻي کي به تسلي ڏني ۽ چيو ته اوهان کي فخر هجڻ گهرجي ته اوهان هڪ بهادر ماءُ جي نياڻي آهيو ۽ هن وقت تمام حق پرست اوهان جي والده جي صحتيابي جي لاءِ دعاگو آهن، انهن محترمه طاهره آصف جي مڙس ۽ نياڻي کي چيو ته آزمائشن جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ذميوار، ڪارڪن ۽ همدرد اوهان سان گڏ آهي ۽ مون کي يقين آهي ته الله تعالٰي طاهره آصف کي جلد کان جلد صحت يابي عطا فرمائيندو.

4/28/2024 10:23:37 PM