Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي شيخ زيد اسپتال جي ڊاڪٽرن سان فون تي ڳالھ ٻولھ، قومي اسيمبلي جي ميمبر طاهره آصف جي طبيعت جي باري ۾ ڄاڻ ورتي.


 Posted on: 6/18/2014
 
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي شيخ زيد اسپتال جي ڊاڪٽرن سان فون تي ڳالھ ٻولھ، قومي اسيمبلي جي ميمبر طاهره آصف جي طبيعت جي باري ۾ ڄاڻ ورتي.

طاهره آصف انتهائي نگهداشت جي وارڊ ۾ آهن انهن جي جان بچائڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهيا آهيون.ڊاڪٽرَ.

لنڊن؛ 18 جون 2014

           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شيخ زيد اسپتال فون ڪري ڊاڪٽرن ۽ اتي موجود ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ميان عتيق ،رشيد گوڏيل ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ثمن جعفري سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي خيريت دريافت ڪئي.شيخ زيد اسپتال جي ڊاڪٽر احمد عالمگير جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته محترمه طاهره آصف کي ٽي گوليون لڳيون آهن جنهن جي ڪري انهن جي تمام گهڻي رت وهي چڪي آهي. انهن وڌيڪ چيو ته طاهره آصف کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو هو ۽ انهن کي 19 بوتلون رت جون لڳي چڪيون آهن ۽ انهن کي اڃان وڌيڪ رت جي گهرج  پئجي سگهي ٿي. انهن وڌيڪ ٻڌايو ته محترمه طاهره آصف جا ڊاڪٽر جان بچائڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهيا آهن.جناب الطاف حسين طاهره آصف جي علاج تي ڀرپور توجه ڏيڻ تي ڊاڪٽر احمد عالمگير ۽ انهن جي ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن کي درخواست ڪئي ته اهي طاهر آصف جي علاج ۾ ڪائي به ڪسر نه چڏين ۽ انهن جو هر طرح سان خيال رکن.ان موقعي تي جناب الطاف حسين اسپتال ۾ موجود رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ميان عتيق، رشيد گوڏيل ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ثمن جعفري سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن کان طاهره آصف تي ٿيندڙ قاتلاڻه حملي جون تفصيلات معلوم ڪيون، انهن محترمه طاهره آصف جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.

****

4/29/2024 11:41:54 AM