Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل کي ڌمڪيون ملڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 6/18/2014

قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل کي ڌمڪيون ملڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.

محترمه طاهره آصف کي به گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون.

وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي تحفظ فراهم ڪري.جناب الطاف حسين.

لنڊن؛18 جون 2014

          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل کي ڏنل ڌمڪين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته اها ملڪ ۾ وڌندڙ لاقانونيت جو نوٽس وٺي ۽ ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪري.لاهور ۾ شيخ زيد اسپتال ۾ جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي رشيد گوڏيل ٻڌايو ته گذريل ڏينهن انهن لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي قتل جي مذمت ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ انهن کي ڌمڪين ملڻ وارا فون اچڻ شروع ٿي ويا، جنهن ۾ گاريون به ڏنيون ويون ۽ اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. ايم ڪيو ايم جي ٻين ميمبرن کي به ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. انهن اهو به انڪشاف ڪيو ته محترمه طاهره آصف کي به گذريل ڪيترن ئي مهينن کان نامعلوم ماڻهن جي طرفان ڌمڪيون ملي رهيون هيون. جنهن تي انهن ڪيترائي ڀيرا انتظاميه کي سيڪيورٽي ڏيڻ جون درخواستون ڪيون پر انهن درخواستن تي ڪائي به توجه نه ڏني وئي.رشيد گوڏيل اهو به ٻڌايو ته لاهور جي مقامي انتظاميه قاتلاڻه حملي جي ان واقعي کي ڌاڙي جي واردات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اهو واقعو ٽارگيٽ ڪيل قاتلاڻه حملي جي کليل واردات آهي.


4/29/2024 12:38:02 PM