عوام ۽ ڪارڪن ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي زندگي بچائڻ جي لاءِ رت جا عطيا ڏين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڊاڪٽر انهن جي زندگي بچائڻ جي لاءِ وڏي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر انهن جي زخمن کان مسلسل رت وهي رهيو آهي ۽ انهن کي وڌيڪ رت جي گهرج آهي، عوام ۽ ڪارڪنَ او پازيٽو(+0 )رت جا عطيا ڏيڻ جي لاءِ اسپتال پهچن.
لنڊن؛ 18 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي زندگي بچائڻ جي لاءِ رت جا عطيا ڏين . انهن فرمايو ته طاهره آصف هن وقت لاهور جي زيد اسپتال ۾ زندگي و موت جي ڪشمش ۾ مبتلا آهن. ڊاڪٽرَ انهن جي زندگي بچائڻ جي لاءِ وڏي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر انهن جي زخمن کان مسلسل رت وهي رهيو آهي ۽ 6 بوتلون رت ڏيڻ جي باجود انهن کي اڃان به رت جي گهرج آهي. جناب الطاف حسين عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي او پازيٽو( +0 ) رت جا عطيا ڏيڻ جي لاءِ اسپتال پهچن.