ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف تي لاهور ۾ قاتلاڻه حملي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
مان الله تعالٰي جي حضور دعاگو آهيان ته اهو طاهره آصف کي زندگي عطا فرمائي ۽ مڪمل صحت به عطا فرمائي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛18 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف تي لاهور ۾ قاتلاڻه حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي طاهره آصف جي زندگي جي لاءِ دعا ڪن.انهن فرمايو ته ابتدائي اطلاعن جي مطابق طاهره آصف کي ڪجھ گوليون لڳيون آهن ۽ هن وقت اهي شيخ زيد اسپتال ۾ زندگي و موت جي ڪشمش ۾ مبتلا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پاڻ به الله تعالٰي جي حضور دعا ڪري رهيو آهيان ته اهو طاهره آصف کي زندگي عطا فرمائي ۽ انهن کي مڪمل صحت به عطا فرمائي.آمين.