Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گردن جي خلاف ڀرپور آپريشن جي باري ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف جي باقائده اعلان جو خير مقدم ڪريون ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 6/16/2014

دهشت گردن جي خلاف ڀرپور آپريشن جي باري ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف جي باقائده اعلان جو خير مقدم ڪريون ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ هٿيار بند فوج کي يقين ڏياريان ٿو ته اهي پاڪستان جي سلامتي ،بقا ۽ رياست جي رٽ کي قائم رکڻ جي لاءِ جيڪي به جرتمندانه فيصلا ڪندا ايم ڪيو ايم هر قسم جو تعاون ڪندي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛16 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دهشت گردن جي خلاف ڀرپور آپريشن جي باري ۾ پارليامينٽ ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف جي باقائده اعلان جو خير مقدم ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بقا و سلامتي ۽ ملڪ کي دهشت گردن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ۽ هٿيار بند فوج جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ ان مقصد جي لاءِ هر قسم جو تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ڪيترن ئي سالن کان اهو چوندي پئي اچي ته پاڪستان کي دهشت گردن کان پاڪ ڪرڻ ۽ رياست جي رٽ کي بحال ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ۽ موثر ايڪشن جي ضرورت آهي، 8 مهينا اڳ جڏهن وزير اعظم ميان نواز شريف جي گهرايل اي پي سي ۾ تمام جماعتن دهشت گردن سان ڳالهين تي اتفاق ڪيو ته ايم ڪيو ايم به ملڪ جي خاطر ان فيصلي جي حمايت ڪئي هئي پر دهشت گردن جي طرفان بم ڌماڪن، خود ڪش حملن ۽ دهشت گردي جي ٻين ڪاروائين جو سلسلو جاري رهيو ۽ اڄ حڪومت پاڻ ئي ان نتيجي تي پهتي آهي ته انهن دهشت گردن سان لوهي هٿن سان ئي نڀري سگهجي ٿو. انهن فرمايو ته پوري قوم کي هڪ عرصي کان ئي حڪومت جي ان فيصلي جو انتظار هو، پوري قوم دهشت گردن جي خلاف ايڪشن ۾ حڪومت سان گڏ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته وزير اعظم ميان نواز شريف پارليامينٽ کي پنهنجي خطاب ۾ دهشت گردن جي خلاف ڀرپور ڪاروائي جي جنهن ارادي جو اظهار ڪيو آهي اهو تمام سٺو آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ملڪ دشمن دهشت گردن کان پاڪ ڪرڻ جي وفاقي حڪومت جي فيصلي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي ۽ مان وزير اعظم ۽ فوج کي يقين ڏياريان ٿو ته اهي پاڪستان جي سلامتي ، بقا ۽ رياست جي رٽ کي قائم ڪرڻ جي لاءِ جيڪي به جرت مندانه فيصلا ڪنديون، ايم ڪيو ايم انهن سان هر قسم جو تعاون ڪندي.



4/29/2024 1:30:32 PM