ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبر قاسم علي رضا جي( برادر نسبتي) سالي جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 16 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرقاسم علي رضا جي (برادر نسبتي) سالي جي وفات تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين قاسم علي رضا ۽ انهن جي سڀني پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي گل حسن مرحوم جي بخشش فرمائي ۽ سڀني پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي به قاسم علي رضا سان انهن جي سالي جي وفات تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
*****