ايم ڪيو ايم ڪينيدا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي تمام وڏن شهرن ٽورنٽو، کيلگري، مونٽريال، ايڊمنٽن ۽ ونڊسر ۾ اي پي ايم ايس او جو يوم تاسيس وڏي جوش و خروش سان ملهايو ويو.
ٽورنٽو؛16 جون 2014
ايم ڪيو ايم ڪينيدا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي تمام وڏن شهرن ٽورنٽو، ڪيلگري، مونٽريال، ايڊمنٽن ۽ ونڊسر ۾ اي پي ايم ايس او جو 36 هون يوم تاسيس وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. انهن اجتماعن ۾ ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي، جوائنٽ آرگنائيزر مسعود حسن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن ، همدردن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع جي ٽي اي چيپٽر ۾ منعقد ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي آصف قاضي حاضرين کي يوم تاسيس جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ايم ڪيو ايم جو اهو سفر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ 11 جون 1978 ۾ شروع ٿيو هو ۽ ان ڪاروان 2014 ۾ هڪ لازوال طاقت جو روپ ڌاري ورتو آهي. جناب الطاف حسين جيڪو ٻوٽو پوکيو هو اڄ اهو هڪ وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي ، انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جو رستو روڪڻ جي لاءِ هر طرح جا هربا استعمال ڪيا ويا پر الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان ظالمن جا سڀ هربا ناڪام ٿيا ۽ ايم ڪيو ايم اڄ سڄي دنيا ۾ ڦيلجي چڪي آهي. اجتماع جي آخر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ پاڪستان جي ترقي و خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون ويون.
*****