Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي طرفان گڏاڻي جي سامونڊي پٽي تي مهاڻڻ جي ٻڏي ڪري فوت ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار.


 Posted on: 6/16/2014

جناب الطاف حسين جي طرفان گڏاڻي جي سامونڊي پٽي تي مهاڻڻ جي ٻڏي ڪري فوت ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار.
سامونڊي پٽي جا ماڻهو خصوصن مهاڻا احتياط سان ڪم وٺن ۽ اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن .جناب الطاف حسين جي عوام کي اپيل.
لنڊن؛ 16 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين گڏاڻي جي سامونڊي پٽي تي مهاڻڻ جي ٻڏي ڪري فوت ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فرمايو آهي ته ملڪ ۾ سمنڊ جي سطح بلند آهي جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ساحلي هنڌن تي ٻوڏ  جا خطرا موجود آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ مهاڻڻ جي بلند درجات جي لاءِ دعا ڪندي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ عوام خصوصن مهاڻڻ کي اپيل ڪئي ته اهي احتياط کان ڪم وٺندي اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي گهر وارن، مٽن مائٽن ۽ دوستن کي به موسم جي خراب صورتحال کان آگاھ ڪن ته جيئن جان و مال کي نقصان کان بچائي سگهجي.انهن صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي وزيرن ۽ انتظاميه کان به مطالبو ڪيو ته اهي سامونڊي علائقن تي خصوصي انتطام ڪن ۽ عوام خصوصن مهاڻڻ کي سمنڊ جي صورتحال جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪن ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
*****

4/29/2024 12:34:24 PM