Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ دشمن دهشت گردن جي خلاف ڀرپور آپريشن جو حڪومتي فيصلو تمام سٺو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 6/16/2014

ملڪ دشمن دهشت گردن جي خلاف ڀرپور آپريشن جو حڪومتي فيصلو تمام سٺو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
تمام سياسي و مذهبي رهنمائن کي به ملڪ جي خاطر ان ايڪشن جي حمايت ڪرڻ گهرجي.سينيٽر رحمٰن ملڪ سان جناب الطاف حسين جي فون تي ڳالھ ٻولھ.
طالبان دهشت گردن جي خلاف ايڪشن جي باري ۾ اوهان جو واضع موقف قابل تحسين آهي.رحمٰن ملڪ.
لنڊن؛16 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ملڪ دشمن دهشت گردن جي خلاف ڀرپور فوجي آپريشن جو حڪومتي فيصلو تمام سٺو آهي ۽ اسان ملڪ جي بقا و سلامتي ، حساس تنصيبات جي دفاع ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي خاطر ئي ان فوجي آپريشن جي حمايت ڪئي آهي ۽ اسان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهيون. انهن اها ڳالھ اڄ سابق وفاقي وزير داخله ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي رهنما سينيٽر رحمٰن ملڪ سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هٿيار بند فوج پنهنجي مفادن جي لاءِ نه بلڪه پاڪستان کي ان جي دشمن دهشت گردن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ حڪومتي فيصلي جي تحت ڀرپور آپريشن شروع ڪيو آهي. انهن پاڪستان جي تمام سياسي و مذهبي رهنمائن کي به چيو ته اهو وقت مصلحت پسندي جو نه بلڪه ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ فوج ۽ انهن جي ايڪشن جي حمايت ڪرڻ جو آهي ته جيئن پاڪستان کي ملڪ دشمن دهشت گردن کان پاڪ ڪري سگهجي.انهن هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالھ کي ورجايو ته هاڻي جڏهن ته فوج دهشت گردن جي خلاف ڀرپور آپريشن شروع ڪري چڏيو آهي ته چئني صوبائي حڪومتن کي به پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ دهشت گردن جي طرفان ٿيندڙ ممڪنه حملن کان شهرين ۽ تمام اهم جڳھن کي محفوظ رکڻ جي لاءِ ڀرپور قدمَ کنيا وڃن.رحمٰن ملڪ طالبان دهشت گردن جي خلاف جناب الطاف حسين جي واضع ۽ اصولي موقف ۽ طالبان دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن جي حمايت کي ساراهيو ۽ چيو ته تمام سياسي رهنمائن ۽ پوري قوم کي به انهي جذبي ۽ قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي. رحمٰن ملڪ چيو ته آپريشن جو فيصلو دير سان ڪيو ويو پر ،دير آيد درست آيد. انهن چيو ته پوري قوم جون دعائون فوج سان گڏ آهن . انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي فوج کي فتح سان همڪنار فرمائي.
*****
 

4/29/2024 11:14:19 AM